غزه:(جمعو 25 اپريل 2025ع)اسرائيلي فوج غزه تي وحشيانه حملو ڪيو، جنهن ۾ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 55 فلسطيني قتل ڪيا ويا.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيلي فوج پناهگيرن جي ڪيمپن، اسڪولن، اسپتالن ۽ مارڪيٽن تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ 55 فلسطيني کي قتل ڪيو ويو .
ٻئي طرف، اتر غزه مان بي گهر فلسطينين لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر انخلا جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گڏيل قومن جي مطابق، 7 آڪٽوبر 2023 کان غزه تي جاري اسرائيلي جارحيت ۾ 50,000 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا آهن، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1,060 طبي ڪارڪن به شامل آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language