اسلام آباد:(آچر 13 اپريل 2025ع)پرڏيهي آفيس ايران جي مهرستان علائقي ۾ 8 پاڪستانين جي قتل تي ردعمل ظاهر ڪيو.
پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته هو افسوسناڪ واقعي جي حوالي سان ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهي ۽ تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن. حقيقتون سامهون اچڻ کان پوءِ هڪ سرڪاري بيان جاري ڪيو ويندو.
پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته تصديق ٿيل معلومات ملڻ کان پوءِ ئي موقف اختيار ڪيو ويندو.
ياد رهي ته ايران جي صوبي سيستان ۾ نامعلوم شڪي ماڻهن پاران پاڪستان جي 8 شهري قتل ڪيا ويا هئا. ايراني ميڊيا ٻڌايو ته پاڪستاني رهواسين کي اڄ صبح مهرستان ضلعي جي ڳوٺ هز آباد پائين ۾ قتل ڪيو ويو.
ايراني ميڊيا ٻڌايو ته ورڪشاپ ۾ موجود پاڪستاني رهواسين کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. فوت ٿيل هڪ پاڪستاني ميڪينڪ هو.
فوت ٿيلن مان پنجن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. ورڪشاپ جو مالڪ دلشاد، سندس پٽ نعيم، جعفر، دانش ۽ ناصر سڀ پنجاب جا آهن.
ان کان اڳ، گذريل سال جنوري ۾، ايران جي صوبي سيستان ۾ 9 پاڪستاني شهرين کي نامعلوم حملي آورن گوليون هڻي قتل ڪيو هو. اهي پاڪستاني شهري گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايران ۾ هڪ ڪار ورڪشاپ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language