welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي: ٽرالر جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت

ڪراچي:(آچر 13 اپريل 2025ع)قائداعظم جي شهر ۾ ڳري گاڏين جي ٽڪر ۾ شهري جي جان وڃائڻ جا واقعا جاري آهن. هڪ ڀيرو ٻيهر، ٻه وڌيڪ نوجوان هڪ خوني ٽرالر جي ٽڪر ۾ مارجي ويا. ميڊيا جي رپورٽ موجب، ڪراچي ۾ بولٽن مارڪيٽ ويجهو ٽرالر سان ٽڪر ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا. ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ ڪاوڙيل ماڻهن ٽريلر ڊرائيور تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو. پوليس موجب، فوت ٿيلن جي سڃاڻپ زيد ۽ نور جي نالي سان ٿي آهي. مقتول جي مائٽن پوليس کي ٻڌايو ته ٻئي نوجوان عثمان آباد، لياري جا رهواسي هئا ۽ ويجها دوست هئا. پوليس عملدارن ٽريلر ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ۽ ٽريلر کي به تحويل ۾ وٺي پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڇڏيو. جوابدار خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ نارٿ ڪراچي واقعي کان پوءِ 11 ڳري گاڏيون ۽ پاڻي جا ٽينڪر ساڙيا ويا هئا. ان کان پوءِ به ڪورنگي ويٽا چورنگي تي ٽريلر جي ٽڪر ۾ عدنان نالي شهري مارجي ويو. مقتول عدنان هڪ خانگي ڪمپني ۾ سيڪيورٽي سپروائيزر هو. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. حادثي کان پوءِ شهرين ٽريلر جون دريون ٽوڙي ڇڏيون. خبر پئي آهي ته مقتول عدنان هڪ خانگي ڪمپني ۾ سيڪيورٽي سپروائيزر هو. ٻيو واقعو مانسهره ڪالوني لانڍي ۾ پيش آيو، جنهن ۾ موٽرسائيڪل سوار 25 سالن جو مسعود خان ٽريلر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو. پوليس هن واقعي ۾ ٽرالر ڊرائيور کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے