welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪي پي جي وڏي وزيرکي مائنز اينڊ منرلز ڊپارٽمينٽ کان 5.70 ارب جي رائلٽي ملي : ترجمان

پشاور:(آچر 13 اپريل 2025ع)ڪي پي جي وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته هڪ سال ۾ مائنز اينڊ منرلز ڊپارٽمينٽ کان رائلٽي جي مد ۾ 5.70 ارب رپيا مليا آهن. تفصيل موجب خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ترجمان چيو ته گذريل سال 96 نوان مائننگ ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا، 447 نوان لائسنس جاري ڪيا ويا، 482 غير ڪم ڪندڙ ڪانٽريڪٽ منسوخ ڪيا ويا، ۽ پهريون ڀيرو ضم ٿيل ضلعن ۾ معائني لاءِ 7 آفيسون قائم ڪيون ويون. خيبرپختونخواهه ۾ هاڻي عورتن کي ٻيلي جي رائلٽي به ملندي هن چيو ته حڪومت ڪيس هلائڻ ۽ رجسٽريشن لاءِ 11 ملين رپيا گڏ ڪيا، ۽ 34.8 ملين رپيا کاڻ ۾ فوت ٿيندڙ 29 ماڻهن کي ڏنا ويا. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ترجمان وڌيڪ چيو ته 3.1 ملين رپيا جرمانو، فيس ۽ رجسٽريشن جي مد ۾ گڏ ڪيا ويا. ترجمان چيو ته هاڻي تائين 4,000 مزدورن آن لائن پورٽل ذريعي رجسٽريشن ڪرائي آهي، ۽ 2,690 مزدورن کي حفاظتي تربيت ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ 100 ملين رپين جو وظيفو ڏنو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے