welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وقف بل جي ڪري هندستان فسادن ۾ ڦاٿل ڦاسي پيو، سڄو ملڪ بند ڪرڻ جي ڌمڪي

نئي دھلي:(آچر 13 اپريل 2025ع)وقف بل جي ڪري سڄو هندستان فسادن ۾ ڦاٿل آهي، احتجاج ڪندڙن سڄي ملڪ کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، بي جي پي حڪومت وقف بل ذريعي مسلمانن جا حق کسڻ جي هڪ ٻي سازش ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري مخالف ڌر جي پارٽين، مسلم تنظيمن ۽ انساني حقن جي گروپن طرفان ملڪ بھر ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، ڪولڪتا، رانچي، احمد آباد، بهار ۽ مني پور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج پڻ شروع ٿي ويا آهن. صرف چند ڪلاڪن اندر، ماڻهو وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ "وقف بل واپس وٺو" جهڙا نعرا لڳا. وزيراعظم نريندر مودي کي وقف بل ذريعي مسلمانن کان اربين ڊالر جي زمين تي قبضو ڪرڻ تي عالمي سطح تي تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. اولهه بنگال ۾ وقف بل جي خلاف سخت احتجاج پڻ ٿي رهيا آهن. اولهه بنگال جي مرشد آباد علائقي ۾ وقف بل خلاف احتجاج خونريزي ۾ تبديل ٿي ويو. ڀارت ۽ نيپال ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 118 ماڻهو فوت احتجاج دوران مظاهرين تي سخت لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪئي وئي، جڏهن ته مظاهرين روڊ بلاڪ ڪيا ۽ قومي شاهراهون بند ڪيون. احتجاج ڪندڙن بي جي پي حڪومت کي ملڪ گير بند جي ڌمڪي پڻ ڏني. ٻئي طرف، ڀارتي پوليس پابندي جا حڪم جاري ڪيا آهن ۽ انٽرنيٽ معطل ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته وقف (ترميمي) ايڪٽ گذريل هفتي اڌ رات کان پوءِ پارليامينٽ طرفان منظور ڪيو ويو هو ۽ اڱاري کان لاڳو ٿيو. صدر دروپدي مرمو 5 اپريل تي تجويز ڪيل قانون جي منظوري ڏني. بل جي حق ۾ 128 ۽ مخالفت ۾ 95 ووٽ ڏنا ويا، جڏهن ته مخالف ڌر پاران پيش ڪيل سڀئي ترميمون رد ڪيون ويون. ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي بل کي "غير آئيني" ۽ مذهبي آزادي تي حملو قرار ڏنو، ۽ خبردار ڪيو ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس جلد ئي ٻين اقليتن جي حقن جي خلاف ورزي ڪندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے