دڪي:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)بلوچستان جي علائقي ڊاڪي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي پنج ميمبرن کي ماري ڇڏيو.
سي ٽي ڊي اختيارين موجب، ڊاڪي علائقي ۾ آپريشن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ 5 هٿياربند مارجي ويا.
سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شرپسندن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو. لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سي ڊي ٽي اختيارين به معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڊاڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي، ايف سي ۽ ٻين ادارن جي اهلڪارن جي بهادري جي تعريف ڪئي.
سرفراز بگٽي چيو ته رياستي ادارا دهشتگردي خلاف مڪمل طور تي متحرڪ آهن، صوبي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، ۽ دهشتگردن جي سهولتڪارن خلاف به بي مثال ڪارروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language