
غزہ:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)غزه ۾ اسرائيلي فوج جي خونريزي جاري آهي، تازي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 64 فلسطيني قتل ٿي ويا آهن.
الجزيره جي رپورٽ موجب، جمعي جي صبح کان وٺي غزه جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 64 فلسطيني قتل ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ غزه شهر خان يونس ۾ هڪ دڪان تي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه فلسطيني مارجي ويا، جڏهن ته خان يونس ۾ بمباري ۾ ساڳئي گهر جا 10 ماڻهو قتل ٿيا.
ان کان علاوه، خان يونس جي زيتون پاڙي ۾ 7 فلسطيني قتل ٿيا.
گڏيل قومن جي عالمي خوراڪ پروگرام خبردار ڪيو آهي ته غزه کي خوراڪ جي فوري ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته لکين ماڻهو بک جي سنگين خطري ۾ آهن.
غزه: نقصان جا انگ اکر 560 ڏينهن کانپوءِ جاري ڪيا ويا
ميڊيا آفيس 7 آڪٽوبر 2023 کان غزه جي پٽي ۾ اسرائيلي فوج جي وحشيانه جارحيت جي 560 ڏينهن کانپوءِ جاني ۽ مالي نقصان جا انگ اکر جاري ڪيا آهن.
سرڪاري ميڊيا موجب، اسرائيلي فوجن غزه جي پٽي ۾ ڪل 12,000 قتل عام ڪيا. نتيجي ۾ 51,065 فلسطيني شهيد ٿيا. جن ۾ 18,000 کان وڌيڪ فلسطيني ٻار ۽ 12,400 کان وڌيڪ عورتون شامل آهن.
ان کان علاوه، اسرائيلي فوجن پاران 1,402 طبي عملو، جن ۾ ڊاڪٽر، 113 سول ڊفينس ورڪر، 211 صحافي، 748 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 13,000 شاگرد قيل ڪيا ويا.
2,000 کان وڌيڪ خاندان ختم ٿي ويا.
سرڪاري ميڊيا موجب، اسرائيلي فوجن 2,172 خاندانن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ 6,180 ماڻهو شامل آهن.
غزه ۾ اڃا تائين 11 هزار فلسطيني گم آهن، جڏهن ته 7 اجتماعي قبرن مان 529 مقتولن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن.
اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾، 116,505 فلسطيني زخمي ٿيا، جن مان 409 صحافي ۽ ميڊيا ورڪر هئا.
غزه جنگ دوران مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون هيون. غزه جنگ دوران، ٻه لک کان وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿيا ۽ ڀڄڻ تي مجبور ٿيا.
لبنان تي اسرائيل جو ڊرون حملو
جمعي ڏينهن، اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ هڪ ڊرون حملو ڪيو، جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو. اسرائيلي فوج حملي ۾ حزب الله جي هڪ ڪمانڊر کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
حماس اسرائيل جي عارضي جنگ بندي جي آڇ رد ڪري ڇڏي
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جنگ بندي جي اسرائيلي تجويز کي رد ڪندي چيو آهي ته هو غزه جنگ ختم ڪرڻ لاءِ سڀني اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
حماس جي سينيئر اڳواڻ خليل الحياح پنهنجي بيان ۾ چيو ته حماس غزه ۾ جنگ جي خاتمي ۽ اسرائيل ۾ قيد فلسطينين جي آزادي جي بدلي ۾ سڀني اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر حماس هڪ جامع ڊيل چاهي ٿو.
خليل الحيا چيو ته هو اسرائيل جي عارضي جنگ بندي جي آڇ کي رد ڪري ٿو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language