welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

افغانستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 54 خوارج کي سيڪيورٽي فورسز ماري ڇڏيو

راولپنڊي:(آچر 27 اپريل 2025ع)سيڪيورٽي فورسز پاڪستان-افغانستان سرحد تي دراندازي جي هڪ وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ 54 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، 25 ۽ 26 اپريل جي وچ واري رات ۽ پوءِ 26 ۽ 27 اپريل جي رات، اتر وزيرستان جي حسن خيل علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز بروقت خوارج جي هڪ وڏي گروهه جي حرڪت جو نوٽيس ورتو جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪئي ۽ خوارج جي دراندازي کي مؤثر طريقي سان ناڪام بڻايو. آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس رپورٽن موجب، اهي خوارج پنهنجي 'پرڏيهي آقائن' جي حڪم تي پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ لاءِ داخل ٿي رهيا هئا. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳائي رهيو آهي، خوارج جون اهي سرگرميون واضح ڪن ٿيون ته اهي ڪنهن جي اشاري تي عمل ڪري رهيا آهن. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جاري مهم ۾ هڪ ئي آپريشن ۾ مارجي ويل خوارج جو هي سڀ کان وڏو انگ آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے