welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪينالن جي معاملي تي وفاق جو سنڌ سان رابطو، وزيراعظم ۽ وڏي وزير وچ ۾ ملاقات طئي ٿي وئي

اسلام آباد:(اربع 23 اپريل 2025ع)وفاقي حڪومت ڪينالن جي معاملي تي سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو آهي جنهن کان پوءِ وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات طئي ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت طرفان سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسان کي پيغام اماڻيو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات اڄ ٿي سگهي جيڪڏهن اڄ ملاقات نه ٿي سگهي ته سڀاڻي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جا خدشا، سنڌ ۾ جاري احتجاج، سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ٿيل قرارداد سميت ڪينالن جي معاملي تي پيپلز پارٽي پنهنجو ڀرپور موقف پيش ڪندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے