welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گوڏا کوڙي ڇڏيا، چين تي لڳايل ٽيڪسز ۾ نمايان گهٽتائي جو اعلان

واشنگٽن:(اربع 23 اپريل 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين مان گهرايل شين تي لڳايل 145 سيڪڙو ٽيڪسز کي نمايان طور تي گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب پنهنجي جارحاني ٽيڪسز جنگ ۾ نمايان گهٽتائي جو اهو اعلان ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ڊونلڊ ٽرمپ اهو واضح ڪيو ته چين تي لڳايل ٽيڪسز کي مڪمل طور تي ختم نه ڪيو ويندو. اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي ناڻي واري وزير اهڙن ٽيڪسز کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي. ڏٺو وڃي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نرم رويو اختيار ڪيو پر مڪمل طور تي نرمي کان انڪار ڪندي چيو ته اسان چين سان بهتر هلي رهيا آهيون ٽيڪسز ايترا وڌيڪ نه هوندا. ڊونلڊ ٽرمپ چين سان ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر رکڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي ۽ چيني صدر شي جن پنگ کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان ٻئي گڏجي خوشي سان رهنداسين ۽ مثالي طور تي ڪم به ڪنداسين. چيني ميڊيا خاص طور تي چائنا ڊيلي ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسي ۾ انهي تبديلي کي عوامي دٻاءُ سبب پنهنجي ڪرندڙ مشهوري کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو. چين جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ويبو تي ٽرمپ جي اهڙن بيانن کي(ٽرمپ شڪست قبول ڪري ورتي) جيان بيش ٽيگز سان پيش ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته آمريڪا هن وقت تائين چين جي شين تي 145 سيڪڙو ٽيڪس لڳائي چڪو آهي جنهن جي رد عمل ۾ چين به آمريڪي شين تي 125 سيڪڙو ٽيڪس لڳايا آهن. ٻنهي ملڪن جي انهي ٽيڪس واري جنگ عالمي واپار کي سخت متاثر ڪيو، مارڪيٽن ۾ بيچيني پيدا ٿي ۽ مهانگائي سان گڏ وياج جي شرح ۾ به اضافي ٿيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے