welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر: ٻٻرلو تي ڪئنالن خلاف هنيل ڌرڻي ۾ نوازليگ سنڌ جو صدر بشير ميمڻ پهچي ويو، وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ سان ڳالهيون

ٻٻرلو:(اربع 23 اپريل 2025ع)ٻٻرلوءِ ۾ ڪئنالن خلاف هنيل ڌرڻي ۾ نواز ليگ سنڌ جو صدر بشير ميمڻ پهچي ويو، وڪيل اڳواڻ عامر نواز سان ملاقات، ڳالهين جي آڇ نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ۾ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون، ڳالهين دوران وفاقي حڪومت جي وفد آڏو وڪيلن طرفان چار نقطا پيش ڪيا ويا. پيش ڪيل نقطن ۾ پهريون ۽ مک نقطو ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪرڻ جو رکيو ويو، باقي ٻين نقطن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا آرڊيننس ۽ 26 ترميم شامل آهي. مطالبن جي حوالي سان نوازليگ جي وفد پاران وڪيلن کي شهباز شريف سان ملاقات جي آڇ ڪئي جنهن تي وڪيلن آڇ قبول ڪندي 14 رڪني وفد جي صورت ۾ شهباز شريف سان ملاقات جي حامي ڀري ورتي انهي موقعي تي عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان جو 14 رڪني وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، جيڪڏهن شهباز شريف سکر ۾ اچي ڳالهيون ڪري ته بهتر آهي اسان جو مک مطالبو 6 ڪئنالن جي خاتمي وارو نوٽيفڪيشن آهي، اسان جا ڌرڻا انهي نوٽيفڪيشن سان مشروط آهن ملاقات ۾ وزيراعظم اسان کي نوٽيفڪيشن ڏئي، ٻين نقطن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ڪئنالن خلاف نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تائين اسان جا ڌرڻا جاري رهندا انهي موقعي تي نوازليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو ته اسان وزيراعظم جي هدايتن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، اسان کي وڪيلن چئن مطالبن واري لسٽ ڏني آهي، جيڪا وزيراعظم آڏو پيش ڪئي ويندي، ايندڙ ملاقات وڪيلن ۽ وزيراعظم وچ ۾ ٿيندي ۽ معاملا طئي ڪيا ويندا، اميد آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿينديون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے