اسلام آباد:(اڱارو 22 اپريل 2025ع)وفاقي حڪومت هڪ ٽريلين رپين کان وڌيڪ ماليت جا 168 نامڪمل منصوبا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، اندازو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ انهن منصوبن تي 850 ارب رپيا خرچ ٿيندا، جيڪي هاڻي جاري نه ڪيا ويندا.
منصوبابندي واري وزارت جي عملدارن موجب، انهن منصوبن تي هاڻي تائين تقريبن 300 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن.
انهن منصوبن کي انهن جي غير موثر هجڻ جي ڪري بند ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد وڌيڪ نقصان کان بچڻ آهي.
نامڪمل ۽ غير اهم منصوبن جي بندش لاءِ فهرستون تيار ڪيون پيون وڃن، ۽ ڪجهه منصوبن کي سيڪيورٽي مسئلن جي ڪري بند ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.
بند ٿيندڙ منصوبن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي قانوني ڪيسن جي ڪري ڊگهي عرصي کان التوا ۾ آهن.
ذريعن موجب، انهن ترقياتي منصوبن کي بند ڪرڻ جو فيصلو آءِ ايم ايف جي حڪم تي ڪيو ويو.
ياد رکڻ گهرجي ته آءِ ايم ايف جي درخواست تي، حڪومت هڪ سروي ڪرايو هو ته جيئن اهو معلوم ڪري سگهجي ته ڪهڙا منصوبا ضرورت مطابق شروع نه ڪيا ويا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language