welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ايس ايل 10 ۾ پشاور زلمي جي پهرين ڪاميابي، ملتان سلطانز کي 120 رنسن تان شڪست

راولپنڊي:(آچر 20 اپريل 2025ع)ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي نائين ميچ ۾، پشاور زلمي ملتان سلطانز کي 120 رنسن تان شڪست ڏئي سيزن جي پنهنجي پهرين فتح حاصل ڪري ورتي. راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي پشاور زلمي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنسون ٺاهيون. پشاور زلمي لاءِ ٽام ڪوهلر ڪيڊمور 52 ۽ محمد حارث 45 رنز ٺاهيون. انهن کان علاوه عبدالصمد 40، حسين طلعت 37 ۽ مچل اوون 34 رنسون ٺاهيون. بابر اعظم ۽ صائم ايوب 2-2 رنسون ٺاهيون. ملتان سلطانز لاءِ ڊيوڊ ويلي، مائيڪل بريس ويل ۽ عبيد شاهه 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته افتخار احمد 1 وڪيٽ ورتي. ملتان سلطانز 228 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ 107 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ملتان سلطانز پاران عثمان خان 44 ۽ شائي هوپ 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پشاور زلمي جي فاسٽ بالر علي رضا 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عارف يعقوب به 3 وڪيٽون ورتيون. پشاور زلمي ٻن ميچن ۾ ناڪامي کانپوءِ پنهنجو پهريون ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جڏهن ته هي ايونٽ ۾ ملتان سلطانز جي مسلسل ٽئين شڪست آهي. اسلام آباد يونائيٽيڊ 6 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته لاهور قلندرز 4 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے