
ڪيليفورينيا: (جمعو 21 مارچ 2025ع)گوگل دنيا جو سڀ کان وڏو سرچ انجڻ آهي، هڪ ڪاٿي موجب هر سيڪنڊ ۾ 63 هزار سرچز ڪيون وينديون آهن.
انٽرنيٽ تي ڪنهن به شيءِ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي يا روزاني زندگي ۾ ڪنهن به معاملي بابت معلومات وٺڻي هجي، گهڻا ماڻهو گوگل جو رخ ڪندا آهن.
گوگل سرچ هڪ لاڀائتو ٽول آهي، پر ڪي اهڙا موضوع به آهن جن کي گوگل تي سرچ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انهن جا ناڪاري اثر ٿي سگهن ٿا.
جيئن ته انهيءَ جو ڪو خاص نقصان نه آهي، پر جيڪڏهن توهان پنهنجي پسنديده کاڌي کي گوگل تي سرچ ڪيو ته تصويرون ڏسي توهان جي بک وڌي سگهي ٿي، جيڪا ڪنهن به وقت اوهان کي بيچين ڪري سگهي ٿي.
جيڪڏهن توهان گوگل کي گوگل تي سرچ ڪندا، ته اهو توهان کي ٻين گوگل صفحن تي وٺي ويندو، جيڪو فقط وقت جو زيان هوندو آهي.
جيڪڏهن توهان کي فقط عام زڪام آهي، پر جيڪڏهن توهان گوگل تي ان جون علامتون ڳوليندا ته اهو ان کي ڪنهن وڏي بيماري سان جوڙي سگهي ٿو، جيڪو بنا سبب پريشاني جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن طبيعت صحيح نه پئي لڳي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ ئي بهتر هوندو.
گوگل تي ”بيڊ بگز“ ڳولڻ سان توهان کي اهڙيون تصويرون ۽ تفصيل ملندا، جيڪي توهان کي وسوسن ۾ وجهي سگهن ٿا ته اوهان جي بستري ۾ به اهي موجود آهن، جڏهن ته حقيقت ۾ شايد ائين نه هجي.
ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته فاسٽ فوڊ ۾ کين ڌاتو جا ٽڪرا، ڪڪڙ جو مٿو ۽ ٻيون عجيب شيون مليون آهن، جيڪڏهن توهان اهڙيون ڳالهيون پڙهي ورتيون ته شايد ٻاهر جو کاڌو کائڻ ئي ڇڏي ڏيو.
جيڪڏهن توهان گوگل تي ڳوليندا ته فيس بڪ اوهان بابت ڪيترو ڄاڻي ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته توهان کي لڳي ته فيس بڪ اوهان بابت اڳڪٿي به ڪري سگهي ٿو! اهو ڄاڻڻ بيچيني جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ڪينسر بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ عام ڳالهه آهي پر ڪڏهن به گوگل اميجز تي ڪينسر ڳولڻ نه گهرجي، ڇو ته اوهان کي اهڙيون تصويرون نظر اچي سگهن ٿيون، جيڪي توهان کي ڌوڏي سگهن ٿيون.
گوگل نه رڳو سرچ انجڻ آهي، پر وڏو اشتهاري نيٽورڪ پڻ آهي، تنهنڪري جيڪو اوهان ڳوليندا ان سان لاڳاپيل اشتهار توهان کي هر هنڌ نظر ايندا، جيڪي شايد اوهان کي شرمسار ڪري ڇڏين.
جيڪڏهن اوهان انگريزي کان سنڌي يا سنڌي کان انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ چاهيو ٿا ته بهتر ٿيندو ته گوگل سرچ کان پاسو ڪيو ڇو ته گهڻو امڪان آهي ته هو اوهان جي جملي کي مڪمل طور غلط معنيٰ ڏئي سگهي ٿو.
گوگل تي سرچ ڪري ايپس يا سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ خطري کان گهٽ نه آهي، ٿي سگهي ٿو ته توهان ڪنهن وائرس يا ميلويئر کي ڊوائيس تي انسٽال ڪري وٺو.
وزن گهٽائڻ لاءِ گوگل تي ڳولا ڪرڻ عام ڳالهه آهي، پر بهتر ٿيندو ته ڪنهن خوراڪ جي ماهر سان صلاح مشورو ڪريو، ڇو ته گوگل تي جلد نتيجا ڏيکارڻ وارا ٽوٽڪا ڪارائتا ثابت ناهن ٿيندا.
پنهنجو نالو گوگل تي سرچ نه ڪريو، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي اهڙيون تصويرون يا پوسٽون نظر اچن، جيڪي اوهان اڳ ۾ ئي ڊليٽ ڪري چڪا هجو.
انٽرنيٽ تي ڪيترائي جعلي اينٽي وائرس موجود آهن، جيڪي وائرس کي ختم ڪرڻ بدران اوهان جي ڊوائيس کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن ٿيون، بهتر آهي ته ڄاتل سڃاتل ويب سائيٽن تان سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language