لاھور: (خمیس 06 مارچ 2025ع)موٽر وي پوليس تيز رفتاري جي پهرين ايف آءِ آر درج ڪئي، ۽ ڊرائيور کي به گرفتار ڪيو ويو.
موٽر وي پوليس تيز رفتاري تي ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. پهرين ايف آءِ آر ملتان ويجهو پشاور جي هڪ شهري خلاف درج ڪئي وئي. ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ملتان پوليس جي حوالي ڪيو ويو.
موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، تيز رفتاري وارو واقعو ملتان جي ويجهو ايم 4 موٽر وي تي پيش آيو، جتي هڪ گاڏي 173 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري رهي هئي.
ترجمان موجب، ملتان جي بدله سينٽ پوليس اسٽيشن ۾ غفلت ۽ تيز رفتاري جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ۽ پشاور جي رهواسي جوابدار ڊرائيور رحيم خان کي حراست ۾ وٺي مقامي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.
ترجمان چيو ته تيز رفتاري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم آءِ جي موٽر وي پوليس رفعت مختار راجا ڏنو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language