welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گجرات ۾ پراڻي دشمني تي مخالفن جي گاڏي تي فائرنگ، ڇهه ماڻهو مارجي ويا

گجرات: (آچر 02 مارچ 2025ع)گجرات ۾ مخالفن پراڻي دشمني تي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا. پوليس موجب، واقعو ڊنگا ۾ پيش آيو، جتي موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻهن پراڻي دشمني تي گاڏي تي فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ زاهد ناظم، چوڌري اختر رنڌير ۽ سندن 4 سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويا، فائرنگ کان پوءِ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس ترجمان موجب، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ڊي پي او گجرات کي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے