ڪراچي: (اربع 26 مارچ 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا جي جوڙ جڪ ۽ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ تي وفاق ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڇڏيا، 7 اپريل تي جواب طلب، زميندار قربان ميتلو پاران بئريسٽر ضمير گهمرو جي معرفت درخواست داخل ڪرائي وئي، ارسا پاران چولستان ۽ ٿل ڪئنال سميت پاڻي جي دستيابي جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا، بئرسٽر ضمير گهمرو چيو ته سنڌ جو ميمبر نه بڻائي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪڏهن سنڌ جو ميمبر هجي ها ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ها، وفاقي حڪومت جو قدم غيرقانوني ۽ آئين جي خلاف آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏئي چڪي آهي ته ارسان ۾ سنڌ صوبي جا 2 ميمبر هوندا، ارسا جي جوڙجڪ غيرآئيني ۽ غيرقانوني هئڻ سبب فيصلي جي ڪا به حيثيت ناهي، عدالت وفاقي حڪومت ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي 7 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو
0 تبصرے
Do not use vulgar language