welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌو درياءِ تي ڪئنال اڏڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي ولار خلاف تحريڪ ھاڻي عوامي ۽ قومي تحريڪ بڻجي چڪي آھي: ڊاڪٽر قادرمگسي

حيدرآباد: (اربع 26 مارچ 2025ع)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي چيو آھي ته سنڌو درياءِ تي ڪئنال اڏڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي ولار خلاف تحريڪ ھاڻي عوامي ۽ قومي تحريڪ بڻجي چڪي آھي ھر مڪتب فڪر جو ماڻھو ھن تحريڪ جو حصو بڻجي رھيو آھي جنھن سبب پيپلزپارٽي سميت وفاقي پارٽيون پريشان آھن. پيپلز پارٽي جو ڪئنالن خلاف روڊن تي اچڻ عوامي دٻاءِ جو نتيجو آھي پر پ پ پ شرم پرچائڻ يا آڱر ڪٽائي شھيدن جي لسٽ ۾ شمار ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري جيڪڏھن پ پ واقعي ڪئنال ۽ سنڌ جي زمينن جي معاملي تي سنجيدہ آھي ته کيس قومي اسيمبلي، سينٽ، بلوچستان ۽ خيبرپختون خواهه اسمبلين مان قراداد پاس ڪرائڻ گھرجي. ان کانپوءِ به جيڪڏھن شھباز شريف حڪومت فيصلو واپس نٿي وٺي ته کيس شھباز شريف جو ساٿ ڇڏڻ گھرجي. ته شھباز شريف حڪومت ڊھي پوندي باقي صرف ميار لاھڻ خلاف احتجاج ڪرڻ عوام سان دوکي کانسواءِ ٻيو ڪجھ ناھي. ھن چيو تہ ڪئنالن ۽ زمينن تي ولار خلاف جدوجھد کي اڃان وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي ضرورت آھي. ماضي ۾ سنڌ جي ڪيل سياسي جدوجھد کان بہ ھي جدوجھد وڌيڪ سگھاري ٿيندي پئي وڃي. جنھن ڏينھن سنڌ جي 6 ڪروڙ انسانن مان ھڪ ڪروڙ انسان روڊ تي نڪري ايندا ته ھي حڪمران ايوان ڇڏي ڀڄي ويندا. ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته عيد کانپوءِ ايس ٽي پي پاران سڄي سنڌ جي اندر مک شاھرائن تي رٿيل احتجاجي ڌرڻا ھن تحريڪ کي وڌيڪ سگھ بخش ڪندا. ھي اسان جي جدوجھد ھنن سنڌ دشمن منصوبن جي خاتمي تائين جاري رھندي ڇاڪاڻ سنڌو درياءِ اسان جي نہ صرف جياپي ج ذريعو آھي پر ان سان گڏ ھي اسان جي ثقافت تھذ يب ۽ تاريخ جو اُھڃاڻ آھي ان کي ڪنھن بہ صورت ۾ سُڪائڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين نہ وري سنڌ جي زمينن جي نيلامي کي قبول ڪيو ويندو. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ايس ٽي پي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي تہ ھو سنڌ جي ڳوٺ جھرجھنگ وڃي عوام کي سجاڳ ڪن اسان عوامي سگھ ۽ سياسي جدوجھد سان ھنن حڪمرانن کي شڪست ڏيئي سنڌ جي کي ڪامياب ڪنداسين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے