welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد: (اربع 26 مارچ 2025ع)جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڌار ڌار ٿاڻن جي حد ۾ ٻٽو قتل، مولاداد ٿاڻي جي حد نوازو جاگير ۾ جوابدار پنهنجي ساٿين جي مدد سان هڪ ڏينهن اڳ شادي ڪيل گهوٽ 28 ورهين جي نوجوان ابرار جکراڻي کي ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ برڪت جکراڻي ۾ پنهنجي گهر پهچي پنهنجي گهرواري 22 ورهين جي مسمات گل بخت جکراڻي کي به فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واردات کان پوءِ جوابدار ساٿين سميت فرار ٿي ويو، مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، ان حوالي سان مقتول نوجوان جي چاچي عبدالوحيد جکراڻي ٻڌايو ته منهنجي ڀائيٽي امتياز جکراڻي جي هڪ ڏينهن اڳ شادي ٿي آهي، جيڪو پنهنجي سئوٽ سان گڏ موٽر سائيڪل تي گهر طرف اچي رهيو هو ته هٿياربندن کيس روڪي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪيو آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے