ڪوٽ لالو: (اربع 26 مارچ 2025ع)ڪوٽ لالو ريلوي اسٽيشن ڀرسان ريلوي ڦاٽڪ 346 ڪلو ميٽر وٽ لاھور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ٽرين ڪراچي ايڪسپريس جي پاور وين واري بوگي ۾ تيل واري ٽانڪي مان تيل ھارجڻ ۽ بوگي جا ڦيٿا جام ٿيڻ سبب بوگي کي باھه لڳي وئي، جنهن سبب ٽرين ۾ موجود مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، ٽرين جي ڊرائيور پاران فوري طور تي ٽرين کي ڊائون ريلوي ٽريڪ تي روڪيو ويو، جنهن ڪري ڊائون ٽريڪ تي ڪراچي طرف ويندڙ ٽرينن کي پڊعيدن، ڀريا روڊ سميت مختلف ريلوي اسٽيشنن تي بيھاريو ويو، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڪوٽ لالو اسٽيش ماسٽر نظام الدين راڄپر ٻڌايو ته ڪراچي ايڪسپريس جي پاور وين جي بوگي کي تيل ھارجڻ ۽ پاور وين جي بوگي جا ويل جام ھجڻ سبب گرم ٿيڻ جي ڪري بوگي کي باهه لڳي وئي، جنھن جو ريلوي عملي پاران فوري طور تي مرمتي ڪم ڪري ھڪ ڪلاڪ بعد ڪراچي ايڪسپريس کي پنھنجي منزل ڪراچي طرف روانو ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language