دولتپور صفان: (اربع 26 مارچ 2025ع)دولتپور صفن ويجھو شجاع محمد راھو جي پيڍي تي چانڊيا برداري جي پورھيتن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن ۾ 11 ڄڻن جا اجها سڙِ رک ٿي ويا، متاثرن ۾ حاجي شيخو چانڊيو، واحد بخش، عارب، عاقل، نبي بخش، عاشق، ماڪن، عبدالجبار، عيوض، آصف ۽ راجا چانڊيو شامل آهن، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ بيٺل عيدالاضحي جا 4 گابا، 2 پاڏا، 10 ٻڪريون سڙي مري ويون، جڏهن ته نياڻين جو ڏاج، سونا زيور، هنڌ، بسترا، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثرن چيو ته باهه سبب ڪجهه ناهي بچيو، کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language