ڪراچي: (ڇنڇر 01 مارچ 2025ع)هن سال ملڪ جو ڇهون پوليو ڪيس ٺٽي مان رپورٽ ٿيو آهي.
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي ريجنل ريفرنس ليبارٽري ٺٽي جي هڪ 6 مهينن جي ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي آهي.
پاڪستان پوليو پروگرام موجب، هن سال سنڌ مان پوليو جو هي چوٿون ڪيس آهي. 2024 ۾، پاڪستان ۾ پوليو جا 74 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.
پاڪستان پوليو پروگرام موجب، گذريل سال بلوچستان مان 27 پوليو ڪيس، سنڌ مان 23، جڏهن ته خيبرپختونخواهه مان 22، ۽ پنجاب ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language