سرھاري: (خمیس 06 مارچ 2025ع)سرهاري ويجهو اسد آباد ويجهو روڊ جي هلندڙ ترقياتي ڪم دوران تيز رفتار پٿرن سان ڀريل ڊمپر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ سرهاري واسي نوجوان نادرا نوابشاهه جو جنرل اسسٽنٽ سپريٽينڊنٽ احسان اختر خانزادو چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي بعد ڊمپر ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع تي فوتي جا وارث، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ علائقي واسي پهچي ويا، جڏهن ته اطلاع باوجود کڏهر پوليس ٻن ڪلاڪن بعد پهچي فوتي جو لاش سڪرنڊ اسپتال منتقل ڪري ڊمپر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس جي سستي ۽ ڊرائيور گرفتار نه ٿيڻ خلاف فوتي جي وارثن ۽ علائقي واسين ٽپالي روڊ تي رڪاوٽون وجهي روڊ ٻنهي پاسن کان بند ڪري ڌرڻو هنيو، جڏهن ته مڇريل ماڻهن ڊمپر مٿان پٿراءُ ڪري شيشا ٽوڙي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي ايس ايچ او کڏهر خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو، فوتي جي ڀاءُ ريحان اختر خانزادهه جي فرياد تي ڪراچي ملير واسي ڊمپر ڊرائيور صبغت الله پٺاڻ خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ شهر ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language