welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سرڪاري ملازم جي موت کان پوءِ سپريم ڪورٽ سندس ڌيءَ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: (سومر 17 مارچ 2025ع)سپريم ڪورٽ هڪ سرڪاري ملازم جي وفات کان پوءِ ڌيءَ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏنو. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ هڪ سرڪاري ملازم جي ڌيءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ نوڪري کان محروم ٿيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي چيف جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي موجب سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪريون نٿيون ڏئي سگهجن. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جو هي فيصلو 2024 جو آهي جڏهن ته موجوده ڪيس ان کان اڳ جو آهي. سپريم ڪورٽ جو هي فيصلو ماضي تي لاڳو نٿو ٿئي. توهان هڪ عورت کي نوڪري ڏيڻ کان پوءِ ڪيئن برطرف ڪيو؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عورت شادي شده آهي ۽ پنهنجي پيءُ جي جاءِ وٺڻ جي اهل ناهي. جسٽس منصور ولي شاهه پڇيو ته ڪهڙو قانون چوي ٿو ته جيڪڏهن ڌيءَ جي شادي ٿئي ٿي ته هوءَ پيءُ جي وفات کان پوءِ نوڪري جي اهل ناهي؟ عورتن جي شادي جو انهن جي معاشي آزادي سان ڪو به تعلق ناهي. هڪ پٽ شادي کان پوءِ به پنهنجي پيءُ جي جاءِ وٺي سگهي ٿو، پوءِ ڌيءَ ڇو نه؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عورت کي ڪي پي سول سروس ايڪٽ تحت نوٽيفڪيشن ذريعي هٽايو ويو. جسٽس منصور علي شاهه پڇيو ته ڇا هاڻي ڪو سيڪشن آفيسر پاڻ قانون جي تشريح ڪندو؟ عورتن جي معاشي خودمختياري ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت تفصيلي فيصلو ڏنو ويندو. سپريم ڪورٽ پيءُ جي بدران ڌيءَ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏنو. عدالت درخواستگذار زاهده پروين جي درخواست منظور ڪندي ڪيس ختم ڪري ڇڏيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے