
ميرپورخاص: (آچر 02 مارچ 2025ع)ميرپورخاص پوليس ھٿان مارجي ويل ڊاڪٽر شاهنوازڪنڀر خلاف داخل ٿيل هٿيار رکڻ وارو ڪيس خارج، ايس ايچ او تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم خبر موجب ميرپورخاص پوليس ھٿان مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر تي سنڌڙي پوليس پاران غيرقانوني ھٿيار رکڻ واري داخل ڪيل ايف آءِ آر کي ٿرڊ جڊيشل مئجسٽريٽ ساجد اقبال جي عدالت خارج ڪري ڇڏيو آھي، عدالت پاران جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي عدالت ۾ حاضر ٿي ڪيس جي حتمي رپورٽ پيش ڪئي آھي، جنھن ۾ ھن سفارش ڪئي آھي ته ڪيس کي بي ڪلاس ڪيو وڃي، عدالت پنھنجي آرڊر ۾ اھو پڻ ڄاڻايو آھي ته ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي پنھنجي رپورٽ ۾ اھو پڻ ڄاڻايو آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ غير قانوني ھٿيار رکڻ بابت جيڪو موقف اختيار ڪيو ويو ھو، اھو ڪوڙ تي ٻڌل آھي، عدالت ڊاڪٽر تي داخل ڪيل غير قانوني ھٿيارن رکڻ واري ايف آءِ آر کي بي ڪلاس ڪري خارج ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ بعد سنڌڙي ٿاڻي جي موجوده ايس ايچ او کي حڪم ڏنو آھي ته ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ اڳوڻي ايس ايچ او نياز کوسي خلاف سنڌ آرمز ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 24 تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language