welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گهوڙا ٻاري ۾ پوليو جو ٻيو ڪيس ظاهر، ٻار جا عضوا ڦري ويا

گھوڙا ٻاري: (آچر 02 مارچ 2025ع)گھوڙاٻاري تعلقي ۾ پوليو جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي بڻجي وئي، ور شهر ڀرسان ڳوٺ حاجي محمد علي چانڊيو ۾ 6 مهينن جي معصوم ٻارڙي رضوان ولد الهڏنو چانڊيو ۾ پوليو جي تصديق ٿيڻ تي علائقي واسين ۽ صحت جي ماهرن ۾ سخت پريشاني پکڙجي وئي آهي، مسلسل پوليو مهم ھلڻ باوجود علائقي ۾ ٻئي ڪيس جي تصديق ٿيڻ بعد صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿڻ لڳا آهن، سڄاڻ ڌرين پاران صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کان ترت جوڳا اپاءُ وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، صحت مرڪز ور جي ايم ايس ڊاڪٽر ساجد شيخ جو چوڻ آهي ته ڪجهه مهينا اڳ 6 مهينن جي معصوم ٻارڙي جو شڪي ڪيس سامهون آيو هو، جنهن جا سيمپلز فوري طور تي حاصل ڪري ليبارٽري اماڻيا ويا هئا، ٻارڙو گذريل هڪ مهيني کان مسلسل بخار ۾ مبتلا رهيو، جڏهن ته سندس ڄنگهون به متاثر ٿيون، جنهن کانپوءِ ليبارٽري رپورٽن مان کيس پوليو هجڻ جي تصديق ٿي آھي، ايم ايس ڊاڪٽر ساجد شيخ جو وڌيڪ چوڻ آھي ته 11 فيبروري تي ڇھن مھينن جو ڇوڪرو رضوان ولد الھڏنو چانڊيو ڳوٺ حاجي محمد علي چانڊيو جو آيو ھو، جنھن کي ماءُ کڻي آئي ھئي، سندس ماءُ ٻڌايو ته ننڍڙي کي مھيني کان بخار آھي، جيڪو ٽٽي نه ٿو ڄنگھون به نه پيو جھلي ۽ ڪنڌ به نه پيو جھلي، جيڪو ڪيس ھن فورن ڊي ايچ او آفيس ۾ نوٽيفاءِ ڪرايو ھو ۽ ڊبليو ايڇ وارا به ھن جي گھر آيا ھئا، جن ننڍڙي جا سيمپل به ورتا ۽ چيڪ به ڪيو، ان جا سيمپل جزا اسلام آباد ويا ھئا، جنھن جي اڄ رپورٽ آئي آھي اھا پازيٽو آهي، مھيني کان بخار ھيس ڄنگهون ۽ ٻانھون به ڪم ڇڏي ويون ھيون ڪمزور ٿي ويون ھنيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے