ميھڙ: (آچر 02 مارچ 2025ع)ميهڙ ڀرسان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهرو معاملي تان جهيڙو، ناٺي هٿان سس قتل، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاصل کوسو ۾ ممتاز بروھي مبينا طور ساٿين سان گڏجي پيرسن سس حاجاڻي زال عبدالرشيد بروھي کي ڏنڊا هڻي قتل ڪيو، واقعي بعد جوابدار فرار، وارث عورت جو لاش اسپتال کڻائي آيا اطلاع باوجود پوليس نه پهتي: سندس پٽ جو چوڻ آهي ته ڀيڻيوي ممتاز، قربان، گل محمد ۽ نواب بروھي گھر تي حملو ڪري سروٽا ۽ ڏنڊا ھڻي منھنجي پيرسن امڙ کي قتل ڪيو. ڌرين ۾ ڪجهه ڏينهن پهريان جهيڙو ٿيو هو،ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته اڄ عورت قتل ٿيڻ جي جاچ ڪري رهيا آهيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language