
اسلام آباد: (آچر 02 مارچ 2025ع)16هين قومي اسيمبلي جو پهريون پارلياماني سال مڪمل ٿي ويو، قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال ۾ 13 اجلاس ٿيا ۽ پارلياماني سال جا 130 لازمي ڏينهن مڪمل ڪيا ويا. ترجمان قومي اسيمبلي موجب پهرين پارلياماني سال ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي 66 ڪلاڪ ۽ حڪومتي ميمبرن کي 71 ڪلاڪ ڳالهائڻ جو موقعو مليو. پهرين پارلياماني سال دوران 51 بل پاس ڪيا ويا جن ۾ 40 سرڪاري ۽ 11 پرائيويٽ ميمبرن جا بل شامل هئا، 51 مان 42 بل باضابطه قانون شڪل اختيار ڪري ورتي. قومي اسيمبلي جي ترجمان مطابق پهرين پارلياماني سال دوران 26 ٺهراءُ به پاس ڪيا ويا، پارلياماني سال دوران 1059 نشاندار سوال ۽ 264 اڻ نشاندار سوالن جا جواب ڏنا ويا. پهرئين پارلياماني سال ۾ 69 ڌيان طلب نوٽيس جا جواب ڏنا ويا جڏهن ته چئن رٿن کي قاعدي 258 تحت بحث هيٺ آندو ويو.
صدر پاران حڪومت کان سال جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب
اسلام آباد: پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 10 مارچ تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صدر آصف علي زرداري جي خطاب سان ٻئي پارلياماني سال جي شروعات ٿيندي، اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندو، عسڪري قيادت، گورنرز ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن سميت صوبائي اسيمبلي ميمبرز کي به دعوت ڏني ويندي، ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب کان اڳ حڪومت کان هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ گهري ورتي، صدر پنهنجي خطاب ۾ حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي اهم نقطن جو ذڪر ڪندو، اپوزيشن جي احتجاج جي خدشي سب صدر جي خطاب جو وقت 20 کان 25 منٽ هوندو.
قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جا 213 اجلاس ٿيا
اسلام آباد: پهرين پارلياماني سال ۾ اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي قيام کانپوءِ انهن جا 213 اجلاس ٿيا. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين جو معاملو به خوش اصلوبيءَ سان حل ڪيو ويو. اسپيڪر قومي اسيمبلي جي هدايتن تي سيڪريٽريٽ جي مرمت ۽ صفائي لاءِ خاص قدم کنيا ويا. اسيمبلي جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ عملي جي تربيت ذريعي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويا.
اسپيڪر حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهين لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو: ترجمان
اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته 16هين قومي اسيمبلي جو پهريون پارلياماني سال مڪمل ٿي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ پهرين پارلياماني سال ۾ ڪيترائي اهم سنگ ميل عبور ڪيا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي آفيس ۽ هائوس جا دروازا ميمبرن لاءِ کوليا، حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اختلاف گهٽائڻ ۾ اسپيڪر جو ڪردار غير معمولي رهيو، اسپيڪر قومي اسيمبلي جي صدارت ۾ ايوان جي ڪارروائي غير جانبداري ۽ خوش اخلاقي سان هلندي رهي. قومي اسيمبلي جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي، قومي خزاني جا هڪ ارب رپيا بچيا. جڏهن ته پهرين پارلياماني سال دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت هيٺ 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس ڪاميابي سان ٿي
0 تبصرے
Do not use vulgar language