welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

صحافي فرحان ملڪ جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور، ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي: (اربع 26 مارچ 2025ع)جڊيشل مئجسٽريٽ ملير صحافي فرحان ملڪ کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ پنج ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏئي ڇڏيو. صحافي فرحان ملڪ کي اڄ هڪ ٻئي ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ٻئي ڪيس ۾ فرحان ملڪ کي پنج ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي ڪيس ۾، صحافي فرحان ملڪ تي پرڏيهين کان انٽرنيٽ فراڊ جو الزام لڳايو ويو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ صحافي فرحان ملڪ کي پي اي سي اي قانونن جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ ايف آءِ اي گرفتار ڪيو هو ۽ گذريل ڏينهن عدالت فرحان ملڪ جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي درخواست رد ڪندي کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے