
حیدرآباد: (اربع 26 مارچ 2025ع)جيئي سنڌ محاذ پاران 4 اپريل تي سنڌو مٿان غير قانوني ڪئنال ٺاھڻ خلاف نيشنل ھاءِ وي ۽ انڊس ھاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان پارٽي جو ھنگامي اجلاس ڪراچي ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ تي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ سينئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو، مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، غفار ميرجت، ڪمال مھر، اياز سولنگي، پُنهل جمالي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب سنڌو درياھ تي 6 نوان غير قانوني ڪئنال ٺاھڻ واري ھوڏ تان لھڻ لاءِ تيار ناھي ان ڪري 4 اپريل تي نيشنل ھاءِ وي مورو باءِ پاس ۽ انڊس ھاءِ وي نصير آباد وٽ پنجاب ويندڙ رستا ڌرڻا ھڻي بند ڪيا ويندا.
اجلاس کي خطاب ڪندي محاذ سربراهه رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ جي ماڻھن جو درياهه بچائڻ تي اتفاق ۽ ڪئنالن جي خلاف موثر جھدوجھد ۽ سڄي سنڌ کي سراپا احتجاج ڏسي پيپلزپارٽي جيڪا ڪئنال ٺاھڻ واري منصوبي جي خالق آھي جنھن پئسا جاري ڪري ڪئنالن جو ڪم شروع ڪرايو اھا ئي شھباز حڪومت جي اتحادي آھي پ پ جر صدقي ئي ن ليگ اقتدار ۾ آھي. شھباز شريف آصف زرداري ۽ بلاول جي گڏيل رٿا جو نتيجو ڪئنال جي تعميرات آھي.
اھي ڪئنال جن سان سنڌ ڀڙڀانگ ٿيندي سنڌي ماڻھن جي جياپي جو ذريعو سنڌو درياهه ڪروڙين انسانن کان کسڻ جي ھي پلاننگ آھي. ان منصوبي سان سنڌ واسي بک بدحالي ۽ دائمي ذلت جو شڪار ٿي ويندا.
تنھن ڪري اسان پيپلزپارٽي جي انھنن سنڌ دشمن فيصلن ۽ سندن ڪوڙن ڪئنال مخالف مظاھرن ۽ جڙتو اعلانن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ جي ماڻھن اھا جھدوجھد آھي جو پ پ بوکلاھٽ جو شڪار ٿي وئي آھي پر نه ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن ٿا ڪڍرائين نه شھباز حڪومت جي اتحاد کان ڌار ٿا ٿين صرف ناٽڪ ڪرڻ لاءِ مظاھرا پيا ڪن اسان سنڌ جي ماڻھن جي تاريخي جھدوجھد کي سلام پيش ڪندي 4 اپريل تي احتجاجي ڌرڻن جو سڏ ڏيون ٿا.
پنجاب ويندڙ ٻھي شاھرائون بند ڪنداسين ته ھي ڪوڙي ۽ ڍونگي سرڪار سنڌ دشمن حڪمران وائکا ٿي چڪا آھن سنڌ جا ماڻھو جيڪي رمضان شريف جو ڀلارو مھينو عبادتن نمازن ۽ پاڪ ڪتاب جي ورد سان گڏ وطن جي درياهه بچائڻ لاءِ روڊن تي رھيا آھن کين ھڪ دفعو ٻيھر پنجاب جي ڏاڍ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي 4 اپريل وارن ڌرڻن ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪريون ٿا. ان ڏينھن سڀ سنڌ واسي ٻاھر اچن ۽ حڪمرانن تي واضع ڪن ته اسان کي ڪو به ظلم ھاڻ قبول ناھي درياهه اسان جي زندگي آھي.
ان ڏينھن ھنن جعلي حڪمرانن کان پڇاڻو ڪريون ته ھڪ طرف درياهه تي ڪئنالن جي خلاف ھجڻ جو ڍونگ پيا ڪريو ٻي طرف ڪئنالن جي خلاف آواز بلند ڪندڙ سنڌ جي پرامن شھرين ۽ قومي ڪارڪنن تي ايف آءِ آرون به داخل پيا ڪريو. سنڌ توھان کي سڃاڻي چڪي آھي
0 تبصرے
Do not use vulgar language