welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي: سنڌ ۾ ماسترياڻين جي ميڪ اپ ڪرڻ، وڏي کڙي واري سينڊل ۽ سون پائڻ تي پابندي

ڪراچي: (اربع 26 مارچ 2025ع)سنڌ جي تعليم کاتي سڄي صوبي جي اسڪولن ۾ استادن لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جاري ڪري ڇڏيو. تعليم کاتي موجب ماسترياڻيون گهڻي ميڪ اپ کان پاسو ڪن، ماستر ٽي شرٽ ۽ جينز پائي اسڪول نه اچن. تعليم کاتي ماسترياڻين جي وڏي کڙي واري سينڊل ۽ زيور پائڻ تي به پابندي هنئي آهي. تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته ماسترياڻيون روايتي لباس جي چونڊ ڪن ۽ گائون استعمال ڪن، استادن کي گٽڪو، نسوار، مائو يا سگريٽ اسڪولن جي احاطي ۾ پيئڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته شاگردن کان ذاتي نوعيت جا ڪم ڪرائڻ به سختي سان منع آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے