واشنگٽن: (خميس 27 مارچ 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ درآمد ٿيل گاڏين تي 25 سيڪڙو ٽيڪس جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ اربع ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ اعلان ڪيو ته آمريڪا کان ٻاهر تيار ٿيندڙ سڀني گاڏين تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو.
ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۾ ٺهيل ڪارن تي ڪو به ٽيڪس نه هوندو.
آمريڪي صدر چيو ته ايلون مسڪ آٽو ٽيرف تي صلاح نه ڏني، شايد مان چين تي ٽيڪس ٿورو گهٽائيندس.
ان کان علاوه، جڏهن صحافي کان يمن حملي جي تفصيل غلطي سان موڪلڻ بابت پڇيو ويو، ٽرمپ چيو ته قومي سلامتي صلاحڪار ان جي ذميواري قبول ڪئي آهي، پر اهو سگنل ايپ ۾ ئي خرابي ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سگنل رابطي جو هڪ مؤثر ذريعو ناهي.
صدر ٽرمپ اعلان ڪيو ته حوثين تي حملا جاري رهندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language