welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

يو اي اي تعليم جي شعبي ۾ 16 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گولڊن ويزا جاري ڪري ڇڏيا

ابوظھبي: (آچر 02 مارچ 2025ع)گڏيل عرب امارات تعليم جي شعبي ۾ 16,456 ماڻهن کي گولڊن ويزا جاري ڪيا. تفصيل موجب، يو اي اي حڪومت تعليم جي شعبي ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارن کي گولڊن ويزا جاري ڪيا آهن. گولڊن ويزا هڪ 10 سالن جو رهائشي اجازت نامو آهي جيڪو انهن کي ڏنو ويندو آهي جيڪي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا آهن. اماراتي گولڊن ويزا حاصل ڪندڙن ۾ 10,710 اعليٰ هاءِ اسڪول جا شاگرد شامل آهن جن پنهنجي امتحانن ۾ 95 سيڪڙو کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا. حڪومت 5,246 شاندار يونيورسٽي گريجوئيٽس کي گولڊن ويزا جاري ڪيا آهن، جڏهن ته 337 تعليمي ماهرن کي به گولڊن ويزا ڏنا ويا آهن. آفيسرن موجب، عالمي سطح تي تسليم ٿيل يونيورسٽين مان 147 گريجوئيٽ ۽ 16 ممتاز سائنسدانن کي به گولڊن ويزا ڏنا ويا آهن. ابو ظهبي ۾ اميگريشن عملدارن جو چوڻ آهي ته گولڊن ويزا پروگرام جو مقصد عالمي قابليت کي يو اي اي ۾ مستقل رهائش فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن گولڊن ويزا هولڊر تعليمي شعبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے