پشاور: (آچر 02 مارچ 2025ع)ڪرم ايجنسي جي حملي ۾ ملوث 14 دهشتگردن جا نالا ۽ تصويرون جاري ڪيون ويون آهن.
میڊيا موجب، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پشاور ڪرم حملي ۾ ملوث 14 دهشتگردن جا نالا ۽ تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي سرن جي قيمت به 30 لک کان 30 لک رپين جي وچ ۾ مقرر ڪئي وئي آهي.
سي ٽي ڊي موجب، دهشتگرد ڪرم ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل ۾ ملوث آهن ۽ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان لاڳاپيل آهن.
ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ ڪرم ضلعي ۾ قبائلين جي وچ ۾ هٿياربند جهڙپ ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته بعد ۾ امن معاهدي کان پوءِ به دهشتگردن ڪرم ويندڙ امدادي قافلن تي حملو ڪيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language