welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چولستان مان واهه ڪڍڻ جي حمايت ناھي ڪئي : نويد قمر جي وضاحت

اسلام آباد: (ڇنڇر 01 مارچ 2025ع)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر میڊيا تي نشر ٿيندڙ پنهنجي بيان جي وضاحت ڪئي. نويد قمر چيو ته مان چولستان مان ڪينال ڪڍڻ جي حمايت نه ڪئي، مون صرف اهو چيو ته مان چولستان کي سائو ڏسڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته نشر ڪيل بيان مان اهو تاثر مليو ته مان واهه کوٽڻ جي حمايت ڪريان ٿو. واضح رهي ته 'گرين پاڪستان' منصوبي جو آغاز تازو ئي چولستان ۾ ڪيو ويو هو ۽ تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شرڪت ڪئي هئي. گرين ايگري مال ۽ سروس ڪمپني، سمارٽ ايگري فارم، زرعي تحقيق ۽ سهولت مرڪز جو افتتاح ڪيو ويو. گرين ايگري مال اينڊ سروسز ڪمپني هارين کي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ ڪيڙا مار دوائون فراهم ڪندي. ٻئي طرف، مختلف پارٽيون سنڌ صوبي ۾ سنڌو درياءَ مان ڪينالن کي موڙڻ جي منصوبي خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے