اسلام آباد: (ڇنڇر 01 مارچ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف 20 ارب رپين جي رمضان رليف پيڪيج 2025 جو آغاز ڪيو.
رمضان رليف پيڪيج جي لانچ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پيڪيج مان 40 لک خاندان ۽ 20 ملين فرد فائدو حاصل ڪندا، ۽ 40 لک مستحق خاندانن کي ڊجيٽل والٽ ذريعي 5000 رپيا ڏنا ويندا.
هن چيو ته هن ڀيري گذريل رمضان جي مقابلي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ گذريل سال جي 7 ارب جي رمضان پيڪيج جي مقابلي ۾ هن ڀيري ان ۾ 3 ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي. هن ڀيري رمضان پيڪيج کي تمام آسان بڻايو ويو آهي، هاڻي ڊگهين قطارن ۾ بيهڻ جي ضرورت نه پوندي.
ان موقعي تي وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته رمضان پيڪيج کي 20 ڏينهن اندر آخري شڪل ڏني وئي آهي، اسٽيٽ بينڪ، نادرا، بي آءِ ايس پي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، پهريون ڀيرو 30 لک ڊجيٽل والٽ ٺاهيا ويا آهن، پئسا ڊجيٽل والٽ ذريعي سڌو سنئون مستحقين تائين پهچندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language