سکر: (اربع 19 فيبروري 2025ع)فرانس جي رهواسڻ کي عشق سنڌ وٺي آيو، نوجوان ناري سکر واسي نوجوان جي عشق ۾ مبتلا ٿي سکر پهچي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان سجاد ڪولاچي سان سوشل ميڊيا تي رابطو رهڻ بعد فرانس جي رهواسڻ ناري سکر پهتي، فرانس جي رهواسڻ جي سکر پهچڻ واري خبر تي ميڊيا سان تعلق رکندڙ نمائندا نيوپنڊ ۾ واقع نوجوان جي گهر پهتا پر نوجوان سجاد ڪولاچي ۽ فرانس جي رهواسڻ ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب سوشل ميڊيا ذريعي ٽن سالن کان سکر جي رهواسي سان فرانس جي رهواسڻ رابطي ۾ هئي، ڪجهه ڏينهن اڳ ناري فرانس مان سکر واسي نوجوان سان شادي لاءِ فلائيٽ ذريعي اسلام آباد پهتي، جتان سکر آئي، ناري ۽ نوجوان اسلام آباد روانا ٿي ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language