شھدادپور: (اربع 19 فيبروري 2025ع)شهدادپور ڀرسان رولو ڪتي معصوم ٻالڪ کي منهن ۾ چڪي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر، ڳوٺاڻا بندوقون کڻي نڪري پيا،
خبر موجب يو سي ملدسي جي ڳوٺ گولو پير ۾ گهر اڳيان راند ڪندڙ 3 ورهين جي ٻالڪ حسن حبيب مري کي رولو ڪُتي منهن ۾ ڏاڙهي ماس پٽي ڇڏيو، ٻالڪ کي سمس اسپتال مان طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ڊاڪٽرز موجب ڪتي جي ڏاڙهجڻ سبب ٻالڪ جي چهري جو ماس پٽجي ويو، ڊاڪٽرن موجب اينٽي ريبيز وئڪسين ڪئي وئي، ايميونوگلوبين وئڪسين لاءِ حيدرآباد موڪليو آهي، ٻئي طرف ڪتي ڏاڙهڻ جي واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته ڪتي کي مارڻ لاءِ ڳوٺاڻا بندوقون کڻي نڪري پيا پر ڪتو هٿ نه آيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language