
خانپور: (اربع 19 فيبروري 2025ع)خانپور ويجهو ناپر مان مبينا اغوا ٿيل ڪرمپور واسي 9 پورھيتن سميت يارنھن پورھيت اڃان ڌاڙيلن وٽ قيد، بڻيل، پوليس کين بازياب نه ڪرائي سگهي، جوابدارن ھڪ ڀيرو ٻيھر مغوين تي تشدد ڪري سندن مٿو ڪوڙي کين تذليل جو نشانو بڻائي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، اغوا ٿيل پورھيتن ديدارملڪ نظام ھزارو حضوربخش امام بخش حفيظ ملڪ سھيل شيخ رمضان، جمعو چاچڙ ۽ ٻين کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، ڪامورو اوڏ سندس معصوم پٽ انصاف اوڏ به ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن، ڌاڙيلن هڪ مغوي جو مٿو ڪوڙي سڀني مغوين مٿان تشدد ڪرڻ واري وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي وڊيو. مغوي دانهون ڪري پوليس ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن ۽ چڱن مڙسن کي بازيابي لاءِ اپيل ڪري رهيا آهن، مغوي ديدار ملڪ جي والد رمضان ملڪ ۽ مغوي جمعو چاچڙ جي وللد برڪت چاچڙ چيو ته اسين غريب آهيون غربت سبب اسان جا ٻچڙا ڪچي مان ڪاٺيون ميڙي وڪرو ڪندا هئا، پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي. ٻي طرف ايس ايچ او ناپرڪوٽ چيو ته ڏوهارين پوليس کان ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ گڏھه گاڏو هلائيندڙ پورهيتن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، ڏوهارين جا مطالبا هرگز پورا نه ٿيندا، جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language