welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

راڌڻ ۾ ڀاڳين هٿان چور ڄاڻائي ماريل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو، گھران سڏي مارڻ جا الزام

راڌڻ: (خميس 27 فيبروري 2025ع)راڌڻ ۾چور ڄاڻائي مارجي ويل نوجوان صحبت آڳرو جي وارثن جو لاش رکي ڪري ريلوي ڦاٽڪ تي ڌرڻو ھڻي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو. مارجي ويل صحبت آڳرو جي وارثن طرفان لاش رکي ڪري ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مارجي ويل صحبت آڳرو جي ڀاءُ روشن آڳرو ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي ڀاءُ کي منظور جوڻيجو ۽ لائق جوڻيجو وارن چوري جي مينھن بابت ڳالھين بھاني گھرائي ڪري قتل ڪيو آھي. ھن چيو ته ڪھڙا چور رات جو 9 وڳي اچن ٿا ۽ ڦر ڪن ٿا. جيڪڏھن ڦر يا چوري ڪرڻ آيا ھئا ته انھن جا اھي ھٿيار ڪٿي آھن جيڪي منھنجي ڀاءُ وٽ ڦر دوران ھئا؟ ھن چيو ته منھنجي ڀاءُ کي مارڻ بعد گوليون ھڻي ڪري ڦر جو ڊرامو ڪيو ويو آھي. هوڏانهن ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو دادو طرف ايندڙ ۽ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ٻئي طرف مبينا طور مينهون چوري ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس 8 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. راڌڻ ٿاڻي تي فريادي نثار پٽ منظور جوڻيجو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ 8 جوابدارن صحبت آڳرو، روشن آڳرو، عطر ماڇي، ماجد جانوري، عبدالوحيد جانوري، عبد الله جانوري، علي محمد عرف الو جانوري، عبدالجبار ماڇي مٿان ڪلاشنڪوف سان داخل ٿي چار مينھون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گھرڌڻي ذوالفقار جوڻيجو، مسمات زبيدھ ۽ مسمات ريحانه ساڻس مزاحمت ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري کين زخمي ڪري وڌو ۽ پنھنجي ساٿين جي گولين جو پاڻ کاڄ بڻجي ويا آھن. هوڏانهن زخمي ٿيل گھر مالڪ ذوالفقار جوڻيجو سميت ٻن عورتن مسمات زبيده جوڻيجو ۽ مسمات ريحانه جوڻيجو جو لاڙڪاڻو اسپتال ۾ علاج ھلندڙ آھي جڏھن ته واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آھي. مارجي ويل صحبت آڳرو جو ارڌڻ ٿاڻي تي ڏوهاري رڪارڊ ظاهر ميھڙ: راڌڻ پوليس موجب ته فوتي جوابدار صحبت آڳرو راڌڻ پوليس کي ٽن ڏوه جي ڪيسن ۾ گھربل ھيو ۽ ھو روپوش پڻ ھيو پوليس موجب ته جوابدار صحبت آڳرو ڏوھاري قسم جو ماڻھو آھي پھريان به ڏوه جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو ھيو ۽ ضمانت بعد ھو آزاد ٿيو ھو جڏھن ته گذريل ڏينھن به ڏوه جي ارادي سان جوابدار جوڻيجه برادري جي گھر ۾ داخل ٿيا ۽ فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو جڏھن ته ساٿي جوابدار عطر ماڇي زخمي ٿيو ھو ۽ ھو ٽرامه سينٽر لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيل آھي جنھن جي حالت پڻ نازڪ آھي پوليس موجب ته ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪوشش ڪئي وڃي پئي مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا ويا آھن. هوڏانهن مارجي ويل صحبت آڳرو جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي جا وارث راڌڻ ريلوي ڦاٽڪ وٽ لاش رکي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي. راڌڻ ۾ ڏوهه وڌڻ بابت سوال تي ايس ايچ او مڇرجي پيو، صحافين کي گاريون، ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ميهڙ: راڌڻ شهر ۾ مسلسل ڏوهن ۾ واڌ ۽ گذريل ڏينھن ڦر واري واقعي دوران ايس ايچ او راڌڻ خليل مسڻ کان صحافين پاران سوال ڪرڻ تي ايس ايڇ راڌڻ صحافين مٿان ڏمرجي پيو. تفصيل ڏيڻ بدران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ گٿا لفظ پڻ استعمال ڪيا جڏھن ته راڌڻ جي صحافي خالد کوسو سان ايس ايچ او راڌڻ جي ڪيل بدتميزي ۽ ڌمڪين خلاف ميھڙ تعلقي جي صحافين پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آھي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے