welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڊکڻ ويجھو نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ، ڦر مزاحمت تي قتل جو الزام

ڊکڻ: (خميس 27 فيبروري 2025ع)ڊکڻ لڳ دڙي جاکڙي لنڪ روڊ تان نوجوان ڳوٺاڻي جو گولي لڳل لاش هٿ، ڊکڻ ٿاڻي جي حد دڙي جاکري لنڪ روڊ تان ڳوٺ چنيسر خروس واسي نوجوان اويس عرف چاند خروس جو گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو،
جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اسانجو نوجوان ڊکڻ کان ڳوٺ اچي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي کيس گولي هڻي قتل ڪيو آهي، ٻي طرف ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته، جاچ ڪئي پئي وڃي ته واقعو ڪيئن پيش آيو آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے