welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

باجوڙ: پوليو مهم لاءِ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار نامعلوم حملي آورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

باجوڙ: (خمیس 20 فيبروري 2025ع)خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ پوليو خلاف مهم دوران ڊيوٽي تي موجود هڪ پوليس اهلڪار کي نامعلوم حملي آورن گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ جو واقعو ماموند تحصيل جي ڊماڊولا سرائي علائقي ۾ پيش آيو. جتي پوليو ڊيوٽي تي موجود مسمي مامور نالي هڪ پوليس آفيسر کي نامعلوم ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا ۽ انهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے