بارکان: (خمیس 20 فيبروري 2025ع)بلوچستان جي ضلعي بار کان ۾ بس مان 7 مسافرن کي لاهي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين موجب دهشتگردن گذريل رات ڪوئيٽا کان فيصل آباد ويندڙ مسافر بس کي بارکان جي علائقي رِرڪان ۾ روڪيو ۽ ست مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏسڻ کان پوءِ انهن کي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي جو ڪيس ايس ايڇ او سي ٽي ڊي جي شڪايت تي سي ٽي ڊي لورالائي پوليس اسٽيشن ۾ نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ قتل ۽ دهشتگردي خلاف دفعات پڻ درج ڪيون ويون آهن. جڏهن ته، اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.
واضح رهي ته واقعي ۾ فوت ٿيندڙن مان هڪ جو تعلق لوڌران، ٻه فيصل آباد، هڪ جو لاهور، ٻه وهاڙي ۽ هڪ جو شيخوپوره سان هو.
صدر زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد واقعي جي مذمت ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language