welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ ٽي پي ايل پراپرٽيز جي تحت 'دي مينگروو' نالي هڪ منصوبي جو آغاز

ڪراچي: (جمعو 17 جنوري 2025ع)ٽي پي ايل پراپرٽيز جي تحت ڪراچي ۾ 'دي مينگروو' نالي هڪ منصوبو شروع ڪيو ويندو. ٽي پي ايل پراپرٽيز جي تحت دي مينگروو نالي منصوبي جي لانچنگ تقريب ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي. ٽي پي ايل گروپ جي سي اي او علي جميل، گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان وٽ بهترين انجنيئر ۽ عالمي معيار جون ٽيمون آهن، ۽ اهي بين الاقوامي سطح تي پڻ منصوبا شروع ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. هن چيو ته ڪراچي ۾ 15 ملين اسڪوائر فوٽ گيٽڊ ڪميونٽي پروجيڪٽ "دي مينگروو" شروع ڪيو پيو وڃي. اهو منصوبو 70 ايڪڙ زمين تي مشتمل هوندو، جنهن مان 14 ايڪڙ تي هڪ پارڪ قائم ڪيو ويندو. علي جميل چيو ته منصوبي ۾ رهائشي ۽ ڪمرشل عمارتون تعمير ڪيون وينديون ۽ رهائشين لاءِ راندين سميت بهترين سهولتون موجود هونديون. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٽي پي ايل جي مستقبل جي منصوبن بابت پڻ آگاهي ڏني وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے