welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ممبئي: 23 سالن جو ڀارتي اداڪار روڊ حادثي ۾ فوت

ممبئي: (ڇنڇر 18 جنوري 2025ع)ڀارتي اداڪار امان جيسوال روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب، ٽيليويزن اداڪار امان جيسوال، جيڪو ڊراما سيريز 'ڌرتي پترا نندني' ۾ پنهنجي مرڪزي ڪردار لاءِ مشهور هو، جمعي ڏينهن ممبئي جي جوگيشوري (ويسٽ) علائقي ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو هِل پارڪ روڊ تي 3:15 وڳي پيش آيو. ڀارتي ميڊيا موجب، ٽرڪ ڊرائيور موٽرسائيڪل سوار امان جيسوال کي ٽڪر هنيو، زخمي اداڪار کي فوري طور تي اسپتال پهچايو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے