welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس جي شيڊول ۾ پاڪستان جو نالو آخرڪار شامل ٿي ويو

اسلام آباد:(اڱارو 17 سپٽمبر 2024ع)آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس جي شيڊول ۾ پاڪستان جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف 25 سيپٽمبر تي پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي نئين قرض جي پروگرام جي منظوري جو جائزو وٺندو. پاڪستان کي 2 بلين ڊالرن جي فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڊولپمينٽ پارٽنرز کان ضروري مالي اطمينان مليل آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف جي ترجمان اعلان ڪيو هو ته آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ 25 سيپٽمبر تي پاڪستان جي ڪيس جو جائزو وٺندو. اسٽيٽ بئنڪ جو بيان ان کان اڳ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو هو ته حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام جون سموريون مالي ضمانتون حاصل ڪري ورتيون آهن، هاڻي آءِ ايم ايف پروگرام حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ رڪاوٽ ناهي. اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان سيپٽمبر 2024 ۾ آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪندو، پاڪستان کي هلندڙ مالي سال ۾ 26.20 ارب ڊالر ادا ڪرڻا آهن، مالي سال جي ادائيگين ۾ 16.3 ارب ڊالر رول اوور ٿيندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے