تھران:(سومر 16 سپٽمبر 2024ع)ايراني صدر مسعود المبيڪيان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني آهي.
تهران ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايراني صدر چيو ته سعودي ولي عهد کي سرڪاري دعوت ڏني وئي آهي ۽ هو پاڻ به جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو.
ايراني صدر چيو ته اسرائيل حماس جي اڳوڻي سربراهه اسماعيل هنيه جي قتل سان ايران کي علائقائي جنگ ۾ ڇڪڻ چاهي ٿو پر امن ۽ استحڪام لاءِ روڪيو ويو پر ايران کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي.
ايراني صدر اسرائيل تي حملي ۾ استعمال ٿيندڙ هائپرسونڪ بيلسٽڪ ميزائل يمن جي حوثي باغين کي ڏيڻ کان به انڪار ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language