welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جشن ملهايو پيو وڃي، روڊ رستا سينگاريا ويا

ڪراچي :(اڱارو 17 سپٽمبر 2024ع)اڄ سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي بنگلاديش، عراق، مصر، لبيا ۽ تيونس ۾ روڊن رستن کي سينگاريو پيو وڃي ۽ درود و سلام جون محفلون منعقد ڪيون پيون وڃن. ٻئي طرف يمن ۾ به هزارين ماڻهن ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جو شڪار ٿيندڙ فلسطيني پڻ عشق رسول جي جذبي سان سرشار آهن، جن غزه ۾ پيغمبر اسلام جي آمد تي جشن ملهايو. ان کان علاوه ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام موڪليو آهي. نريندر مودي پنهنجي مختصر پيغام ۾ هم آهنگي، اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے