welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي اهلڪار کي قتل ڪرڻ جي سازش جو ڪيس: آصف مرچنٽ عدالت ۾ الزام رد ڪري ڇڏيا

واشنگٽن:(اڱارو 17 سپٽمبر 2024ع)آمريڪي اهلڪار کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزام ۾ گرفتار آصف مرچنٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب آصف مرچنٽ کي نيويارڪ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي هن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت آصف مرچنٽ کي وڌيڪ جاچ تائين جيل ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. واضح رهي ته آصف مرچنٽ تي آمريڪي اهلڪار کي قتل ڪرڻ جي سازش ۽ آمريڪا ۾ دهشتگردي جي ڪوشش جو الزام آهي، آصف مرچنٽ کي 15 جولاءِ تي ٽيڪساس رياست مان گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ذريعن موجب آصف مرچنٽ آمريڪي هٽ مين کي ڏيڻ لاءِ پاڪستان کان 5 هزار ڊالر گهرايا هئا. آصف مرچنٽ ڪراچي جو شهري آهي ۽ ان حوالي سان سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف مرچنٽ جو ڪراچي ۾ هن وقت تائين ڪو به ڪرمنل رڪارڊ سامهون ناهي آيو ۽ نه ئي هن جو پاڪستان ۾ ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جو پتو پئجي سگهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے