ميرپور ماٿيلو:(سومر 16 سپٽمبر 2024ع)گهوٽڪي جي علائقي ميرپورماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو صحافي نصير گڊاني جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻي واپس ويندڙ صحافي جي وارثن ۽ شهرين تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب صحافي نصرالله گڊاني جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻي مان واپسي تي اڻڄاتل هٿياربندن شرڪت ڪندڙن تي لٺين سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ نصرالله گڊاني جي ڀاءُ سميت ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ان دوران هٿياربندن ۽ لٺبازن صحافين تي پڻ حملو ڪيو. واقعي خلاف قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته يقين ڏياريندي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو ويو.
واضح رهي ته 24 مئي تي ڪوميرپور ماٿيلو ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل صحافي نصرالله گداڻي ڪراچي ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language